Tuesday, December 25, 2012

Sindh Ibex


Sindh Ibex
سنڌ جو سرهه (جابلو ٻڪر)، جنهن کي Sindh Ibex چيو ويندو آهي ۽ هن جو سائنٽيفڪ نالو Capra aegagrus blythi آهي.

اهو به ته قدرت جو انوکو جيو آهي، کيرٿر جي جابلي سلسي ۾ اڪيلو آهي، کاڌي لاءِ سرگردان آهي، اهڙا ڪيترائي جانور پکي ۽ جيوَ اسانجي سنڌ ڌرتيءَ تي رهن ٿا، پوري ڪائنات اهڙن جاندارن سان ڀريل آهي، پر اسان وٽ سنڌ ۾ اڃا تائين انهن تي ان انداز ۾ ڪم نه ٿيو آهي ته انهن جي ڄاڻ آن لائين ڪري ڪو سرڪاري ادارو رکي، جيئن اسان جي ماڻهن کي معلومات ملي، سچ ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان به ناڪام ٿي آهي ته اها سنڌ جي معلومات پهچائڻ ۾ به ناڪام وئي آهي (ايڪڙ ٻيڪڙ ڪم ته ٿيل آهي، پر جنهن پائي جو ڪم ٿيڻ گهرجي نه ٿيو آهي)

اهڙو ئي سرهه افغانستان ۾ به آهي ۽ ايران ۾ به ملي ٿو، بدر ابڙو سنڌ جي جيوت تي هڪ ڪتاب ”جنگلي جيوت“مرتب ڪيو آهي، جيڪو سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ ڇپرايو آهي، پر اهو به ناڪافي آهي، اهڙو ڪم آن لائين به ٿيڻ گهرجي
____________
ڊبليو ڊبليو ايف ۽ آءِ يو سي اين به سنڌ جي جنگلي جيوت تي ڪم ڪيو آهي
حسام
25/12/2012

Sunday, December 16, 2012

To take liberty


هٿ چراندَ / هٿ چُراندَ ڪرڻ
------------------------------
هن لفظ جي باري ۾ سنڌيءَ واري وڏي لغت ۾ ڄاڻايل معنيٰ  هيءَ آهي:

هَٿَ چُراندَ جمع هَٿَ چُراندون

گستاخي، حرڪت، کيچل، مستي، ائنٿرائي، چُرچ، ڇيڙڇاڙ. چورپ.
__________________
اميد ته هاڻي واضح ٿيڻ گهرجي ته هٿ چراند ڇا آهي، پر ان هٿ چراند جون جيڪي معنائون سنڌي لغت ۾ آهن، ان کان وڌيڪ پنهنجي سماج ۾ معنائون نڪرن ٿيون, ان جي ڪري اهو لفظ اسان وٽ گهڻين صورتن ۾ استعمال ٿيندو آهي،

مثال طور اوهان جي ڌنڌي ڪو ماڻهو اوهان کي ڪنهن حوالي سان تنگ ڪري ته اوهان ان پارٽيءَ کي اهو چوندا آهيو ته:

اسان جي ڌنڌي ۾ هٿ چراند نه ڪيو
اسان جي معاملي ۾ هٿ چراند نه ڪيو
فلاڻي همراهه سان ڪائي هٿ چراند نه ڪيو

ڪنهن عورت يا ڇوڪريءَ سان ڪير جنسي چڪ رکي کيس ڪا به حرڪت ڪري ته چئبو آهي:
هن ڇوڪر سان هٿ چراند نه ڪر، ان جا نتيجا اگرا ٿيندا

هٿ چراند سچ ۾ اسان وٽ گهڻين معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو


هٿ چراند لاءِ ڪجهه انگريزي لفظن جي چونڊ، وڌيڪ ڄاڻو دوست ٻڌائن:


Trespass هي لفظ مون کي پسند آهي هٿ چراند لاءِ، وڌيڪ دوستن جي جيڪا مرضي

ڪجهه ٻيا لفظ به آهن، مثال طور:

Molestation

Devilment

Mischief يا mischief-making

Flirt

Annoy

Bother

Gravel

۽ ٻيا ڪيترائي لفظ ٿي سگهن ٿا، في الحال اهي ئي حاضر آهن
___________________
پر سائين پرمانند صاحب جن هٿ چراند لاءِ هي لفظ ڏنو آهي:

(To take liberties (with a lady

يعني ڪنهن عورت جي آزادي کسڻ يا وٺڻ، يعني ڪنهن عورت جي آزادي سان هٿ چراند ڪرڻ
__________________
هڪ آزاد آن لائين لغت ٻڌايو ته

Take the liberty of

To do without permission معنيٰ ڪو ڪم بغير اجازت جي ڪرڻ

 I took the liberty of moving the papers from your desk I hope you don't mind
مان اوهان جي بغير اجازت اوهان جا ڪتان ڊيسڪ ۾ هيڏي هوڏي ڪيا، اميد تهاوهان ناراض نه ٿيندا
___________________
آڪسفورڊ لغت ٻڌايو ته

اهو هڪ اصطلاح آهي، ڪجهه ٻيا به اصطلاح آهن، جهڙوڪ:

At liberty
آزاد

Take liberties
Behave in an unduly familiar or easy manner towards someone or something
معنيٰ ڪنهن ماڻهوءَ يا شيءِ سان کلي عام يا سولائيءِ سان بي واجبي ڪرڻ

You’ve taken too many liberties with me
تو مون سان تما گهڻي هٿ چراند ڪئي آهي

Take the liberty
Venture to do something without first asking permission
معنيٰ ڪوئي ڪم بغير اجازت جي ڪرڻ
___________________________________
مان ذاتي طور، هٿ چراند جي معنيٰ ”حد پار ڪرڻ“ کي چوندو آهيان ۽ مونکي اها ئي معنيٰ وڌيڪ اثرائتي لڳندي آهي، جيڪا لغت ۾ به شايد ناهي، ان ڪري مان ان کي trespass چوندو آهيان . بنيادي طور سماج پاڻ هڪ وڏو استاد آهي، جتي اسين ڪيتريون ئي نيون شيون سکندا آهيون. پر to take liberty به سٺو اصطلاح آهي، اهو به درست آهي.

حسام ميمڻ
17/12/2012

Wednesday, December 12, 2012

Woodland, Farmland, Wetland & Orchard

woodland

Woodland 
معنيٰ جهنگ، اهڙو علائقو جيڪو وڻن ۽ گاهن سان ڀريل هجي
Noun
Land covered with trees: "woodland birds are often drably colored".
Synonyms
forest - wood



Farmland
Farmland of Sindh



اهڙو علائقو جتي زرعي فصل يا ٻني ٻارو 
گهڻو ٿئي

Noun
Land used for farming.
Synonyms
arable land







Wetland
Wetland
پاڻي واري زمين، پوسل واري زمين يا ڍنڍن ۽ ڍورن واري زمين
Noun
Land consisting of marshes or swamps; saturated land
Synonyms
garden



Orchard
باغ معنيٰ جتي ميوو ٿئي يا ميويدار موڻ 
هجن، جيئن سنڌ ۾ انبن جا باغ آهن
Noun
A piece of land planted with fruit trees.
Synonyms
garden







Leisure time words

Leisure Time
واندڪائيءَ جي وندر جا ڪجهه لفظ
====================
Watch a movie
فلم ڏسڻ

Go to a ball game
بال راند ڪرڻ/ڪرڻ لاءِ وڃڻ

See a concert
ناچ گاني جي تقريب ڏسڻ

Rent a video
ڪرائي تي فلم ڏسڻ

Surf the Internet
انٽرنيٽ هلائڻ

Work out
ڪم ڪرڻ/جسماني ورزش ڪرڻ

Visit friends
دوستن سان ملڻ

Stay home
گهر ۾ رهڻ

Relax
آرام ڪرڻ

Sleep in
ننڊ ڪرڻ

Play cards
تاس ڪرڻ/پتن واري راند ڪرڻ

Play computer games
ڪمپيوٽر تي راند ڪرڻ

Go out to eat
گهر کان ٻاهر کائڻ وڃڻ

Go dancing
نچڻ

Go downtown
شهر وڃڻ

Have a party
پارٽي ڪرڻ/شامل هجڻ/ٿيڻ

Go to the beach
سمنڊ تي وڃڻ

Go on a picnic
ڪنهن خاص جاءِ تي گهمڻ ڦرڻ وڃڻ
_____________________________

حسام ميمڻ
13/11/2012

Give off (phrase)

Give off

Give off 
خارج ڪرڻ، ڪڍڻ وغيره 

مثال طور، پگهر خارج ٿيندو آهي يا ڪبو آهي، سج جا شعاع به خارج ٿيندا آهن، بخار/ٻاف وغيره به خارج ٿيندا آهن 

فريزيز يعني اصطلاح ، انگريزي ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ معيار کي وڌائن ٿا ۽ هي ٿورا ٽيڪنيڪل ٿين ٿا استعمال جي حوالي سان، ان ڪري اهي هر وقت ڌيان گهرندا آهن، پر جڏهن ماڻهو انهن کي استعمال ڪري ٿو ته پوءِ ڪم سولو ٿي وڃي ٿو، انڪري، مشق ضروري آهي

هن لفظ جاهم معنيٰ لفظ هيٺيان آهن:

Emit
Give out
Send forth
Discharge
Pass

۽ هن لفظ جو ضد آهي to absorb معنيٰ جذب ڪرڻ يعني ٻاهر ڪڍڻ جي خلاف

استعمال:

In fact, Strader's team detected no x-rays from the black hole systems, indicating they give off far more radio waves than x-rays

The Arctic sea shelf is definitely giving off methane

His charisma, was like electricity
he was giving off this incredible force

As the ice melts, minerals give off an odor

Humberside Fire Service said the fire was "extremely intense and giving off toxic black smoke"

Its large yellow flowers give off a strong, sweet fragrance

“The spare light gives off a beautiful golden glow,” he said

Older folks give off a characteristic scent that's independent of race, creed, or diet

There was a sizzling sound, and steam was given off

The virus is not given off from these while moist

The first gave off gases freely, yet of not so offensive odor as later

تصوير: 
موبائي/سيل فون، آءِ فون ۽ بليڪ بيري ريڊيئشنس ڇڏن ٿا

اميد ته دوست ان فريز تي مشق ڪندا ته نه وسرندو

حسام
6/11/2012