Wednesday, December 12, 2012

To site astride (phrase)


Katie Price is sitting astride on the horse
ويهڻ جا به ڪيترائي طريقا آهن، ڪنهن به شيءِ تي ٽنگون ڦهلائي ڪري لڙڪائڻ يعني هڪ ٽنگ هيڏي هڪ هوڏي ڪري ويهجي ته ان کي انگريزيءَ ۾ ٽو سٽ ايسٽرائيڊ چئبو آهي. پر ان جي ٻي معنيٰ اها به آهي ته هڪ شيءِ جيڪڏهن ٻن شاخن ۾ ڦهليل هجي يا والاري ته ان لاءِ به اهو ئي فريز استعمال ٿيندو آهي جيڪو ٽنگون هيڏي هوڏي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ تصوير کي ڏسو ته ڪيٽي پرائيس گهوڙي تي جنهن انداز ۾ ويٺي آهي، هڪ ٽنگ هيڏي ۽ هڪ ٽنگ هوڏي ڪري لڙڪائي ويٺي آهي، اهو انداز آهي To sit astride 

اوهان انگريزيءَ ۾ چئي سگهو ٿا :
Katie Price sat astride on the horse
ڪيٽي پرائيس گهوڙي تي ٽنگهو ڦهلائي يا لڙڪائي ويٺي

ٻيو استعمال جملي ۾ هئين ٿيندو
Mazar e Sharif sits astride the ancient trade route between Central Asia and India
مزار شريف افغانستان ۾ هڪ مزار آهي، جنهن ڪري علائقو ئي مزار شريف سڏجي ٿو، مزار شريف ٻن حصن ۾ ڦهليل آهي، هڪڙو پاسو قديم ڪاروباري رستي ڏي وچ ايشيا ڏانهن وڃي ٿو ته ٻيو حصو وري ڀارت ڏانهن
____________
نوٽ:
هي انگريزي لفظ، جملا يا استعمال جيڪي مان هتي ڏئي رهيو آهيان، ڪوشش اها ڪيان پيو ته اهڙيون شيون ڏجن، جيڪي اسانجي انگريزيءَ کي روزاني زندگيءَ سان ڳنڍجي سگهجي، تنهنڪري، هن انگريزيءَ کي اسين پريڪٽيڪل انگلش چئي سگهون ٿا، دوستن کي گهرجي ته اهي به اهڙيون شيون ونڊين ۽ ڪجهه ڪرن، خاموشيءَ کان بهتر آهي ته ڪجهه ونڊيون وڃن

حسام ميمڻ
17/11/2012



No comments:

Post a Comment