هٿ چراندَ / هٿ
چُراندَ ڪرڻ
------------------------------
هن لفظ جي باري
۾ سنڌيءَ واري وڏي لغت ۾ ڄاڻايل معنيٰ هيءَ
آهي:
هَٿَ چُراندَ
جمع هَٿَ چُراندون
گستاخي، حرڪت،
کيچل، مستي، ائنٿرائي، چُرچ، ڇيڙڇاڙ. چورپ.
__________________
اميد ته هاڻي
واضح ٿيڻ گهرجي ته هٿ چراند ڇا آهي، پر ان هٿ چراند جون جيڪي معنائون سنڌي لغت ۾ آهن،
ان کان وڌيڪ پنهنجي سماج ۾ معنائون نڪرن ٿيون, ان جي ڪري اهو لفظ اسان وٽ گهڻين صورتن
۾ استعمال ٿيندو آهي،
مثال طور اوهان
جي ڌنڌي ڪو ماڻهو اوهان کي ڪنهن حوالي سان تنگ ڪري ته اوهان ان پارٽيءَ کي اهو چوندا
آهيو ته:
اسان جي ڌنڌي
۾ هٿ چراند نه ڪيو
اسان جي معاملي
۾ هٿ چراند نه ڪيو
فلاڻي همراهه
سان ڪائي هٿ چراند نه ڪيو
ڪنهن عورت يا
ڇوڪريءَ سان ڪير جنسي چڪ رکي کيس ڪا به حرڪت ڪري ته چئبو آهي:
هن ڇوڪر سان هٿ
چراند نه ڪر، ان جا نتيجا اگرا ٿيندا
هٿ چراند سچ
۾ اسان وٽ گهڻين معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو
هٿ چراند لاءِ
ڪجهه انگريزي لفظن جي چونڊ، وڌيڪ ڄاڻو دوست ٻڌائن:
Trespass هي لفظ مون کي پسند آهي هٿ
چراند لاءِ، وڌيڪ دوستن جي جيڪا مرضي
ڪجهه ٻيا لفظ
به آهن، مثال طور:
Molestation
Devilment
Mischief يا
mischief-making
Flirt
Annoy
Bother
Gravel
۽ ٻيا ڪيترائي لفظ ٿي سگهن ٿا، في الحال اهي
ئي حاضر آهن
___________________
پر سائين پرمانند
صاحب جن هٿ چراند لاءِ هي لفظ ڏنو آهي:
(To take
liberties (with a lady
يعني ڪنهن عورت
جي آزادي کسڻ يا وٺڻ، يعني ڪنهن عورت جي آزادي سان هٿ چراند ڪرڻ
__________________
هڪ آزاد آن لائين
لغت ٻڌايو ته
Take the
liberty of
To do without
permission معنيٰ ڪو ڪم بغير اجازت جي ڪرڻ
I took the liberty of moving the papers from
your desk – I hope
you don't mind
مان اوهان جي
بغير اجازت اوهان جا ڪتان ڊيسڪ ۾ هيڏي هوڏي ڪيا، اميد تهاوهان ناراض نه ٿيندا
___________________
آڪسفورڊ لغت ٻڌايو
ته
اهو هڪ اصطلاح
آهي، ڪجهه ٻيا به اصطلاح آهن، جهڙوڪ:
At liberty
آزاد
Take liberties
Behave in an
unduly familiar or easy manner towards someone or something
معنيٰ ڪنهن ماڻهوءَ
يا شيءِ سان کلي عام يا سولائيءِ سان بي واجبي ڪرڻ
You’ve taken
too many liberties with me
تو مون سان تما
گهڻي هٿ چراند ڪئي آهي
Take the
liberty
Venture to do
something without first asking permission
معنيٰ ڪوئي ڪم
بغير اجازت جي ڪرڻ
___________________________________
مان ذاتي طور،
هٿ چراند جي معنيٰ ”حد پار ڪرڻ“ کي چوندو آهيان ۽ مونکي اها ئي معنيٰ وڌيڪ اثرائتي
لڳندي آهي، جيڪا لغت ۾ به شايد ناهي، ان ڪري مان ان کي
trespass چوندو
آهيان . بنيادي طور سماج پاڻ هڪ وڏو استاد آهي، جتي اسين ڪيتريون ئي نيون شيون سکندا
آهيون. پر to take liberty به سٺو اصطلاح آهي، اهو به
درست آهي.
حسام ميمڻ
17/12/2012
No comments:
Post a Comment