مونکي ڪو لفظ سمجهه ۾ نه ايندو هيو ته مان انهن ماڻهن جي در تي ويندو هوس، جن جي خبر هوندي هئي ته انهن کي انگريزي بهتر اچي ٿي، پر افسوس اهو آهي ته ڪنهن به دل سان ڪا ڳالهه نه ٻڌائي. هي به اهڙو لفظ آهي، جنهن مونکي روليو هيو .مان سوچيندو هوس ته آخر ان لفظ کي ٽن لفظن مان ملائي ڪري ڇو ٺاهيو ويو آهي،اوهان غور سان ڏسندا ته ٽي لفظن جي سنگم مان هي لفظ ٺهيل آهي:
Not + withstand + ing = notwithstanding
خبر ته هاڻي به صحيح ناهي ۽ ايترو تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت به ناهي، ڇو ته جيڪڏهن ان جي انت تائين پهچبو به ته ڇا ٿي پوندو، ايترو ڪافي آهي ،جو هن لفظ جي معنيٰ ۽استعمال جي خبر پئجي وئي آهي، انڪري، هاڻي مان پريشان نه ٿيندو آهيان، ٻوليءِ جا ماهر ڀلي ڪم ڪرن، پر مان رڳو ايترو سوچيندو آهيان ته اسان کي معنيٰ ۽استعمال اچڻ گهرجي، جيئن ڪٿي پريشاني نه ٿئي، مان سمجهان ٿو اها سوچ مثبت به آهي ۽ utilitarian (فائدي واري يا ڪارج واري ) به آهي، مان پنهنجي سوچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تمام گهڻو ڪارج پسن يعني utilitarian ٿي ويندو آهيان، يعني مان شين جو فائدو ڏسندو آهيان ته اها شيءِ فائدو ڪيترو ڏيندي، ان utilitarian سوچ ئي مون کان هي ڪم ڪرايو آهي ته مان پنهنجي نوجوانن کي انگريزي ٻوليءَ جي باري ۾ ڪجهه شيون ٻڌائي سگهان ۽ نتيجي ۾ ڪجهه ٻڌي سگهان ته جيئن مان پاڻ ۾ ان ٻوليءَ جا skills(صلاحيتون) وڌائي سگهان ۽ ان کي ، اوهان منهنجي زندگيءَ جو هڪ utilitarian پاسو چئي سگهو ٿا. هڪ مثال ڏيندو هلان ته ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن ۾ هڪ utilitarian قسم جو ماڻهو هيو ۽ هن مرڻ کان اڳ اها وصييت ڪئي هئي ته جڏهن هي مري وڃي ته هن جي جسم کي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج کي ڏنو وڃي، ته جيئن ميڊيڪل جا شاگرد هن جي جسم تي ڪي تجربا ڪرن ۽ آپريشن ڪرڻ سکن ته جيئن کين اها خبر پوي ته ڪٿان ۽ ڪيئن وڍبو آهي ۽ هن پنهنجي اکيون به donate ڪيون هيون، ته چئبو ته ڊاڪٽر صاحب utilitarian هيو.
لفظ مان لفظ نڪرن ٿا، سکيا به آهي ته معلومات به ۽ اهو به ته سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو پيدا ٿيا. خير، مان سمجهان ٿو، مونکي وري ان لفظ تي اچڻ گهرجي، جنهن تي پاڻ کي ڳالهائڻو آهي، يعني notwithstanding .
هي لفظ حرف جر طور استعمال ٿيندو آهي، يعني جيئن، وٽ، تي، منجهه، کان وغيره، ۽ حرف جر کي preposition چئبو آهي.
وري هي لفظ ظرف طور به استمال ٿيندو آهي، ظرف معني adverb ۽ ظرف جا ڪجهه لفظ ڏجن ته ڳالهه ٿورڙي واضح ٿئي، مثال he walked quickly هاڻي ظرف ٿيو quickly ڇو ته ظرف گهمڻ کي وڌيڪ واضح ٿو ڪري يا ان کي سگهه ٿو بخشي يعني quickly گهميو يعني walked کي modify ٿو ڪري، ته چئبو ته ظرف فعل جي ترميم ڪري ٿو، ان کي وڌائي چٽو ڪري ٿو ۽ ظرف ائين ئي ڪندو آهي . ظرف اهڙي طرح صفت يعني ajective کي به modify ڪندو آهي، پاڻ ظرف وري ظرف کي به modify ڪندو آهي، clause کي به modify ڪندو آهي
منهنجي چوڻ جو مطلب ته لفظ notwithstanding حرف جر طور به استعمال ٿيندو آهي، ظرف طور به ۽ جملن کي ڳنڍيندڙ طور يعني conjunction طور به استعمال ٿيندو آهي
اڃا ٿورڙو واضح ڪجي ته notwithstanding سان انهن جا هڪجهڙا ٻيا لفظ به ڏجن ته جيئن دوستن کي هڪ واضح idea ٿئي ته هي لفظ ڪيئن استعمال ٿئي ٿو. هڪجهڙا لفظ جو مطلب آهي، synonyms :
Notwithstanding:
Preposition: in spite of, despite
Usage: (she went for shopping, notwithstanding the weather was bad)
Adverb: nevertheless, in spite of this
Usage: (injuries notwithstanding, he won the match)
Conjunction: Although, in spite of the fact that
Usage: (I will surely rend the kingdom from thee, and will give it to thy servant. Notwithstanding, in thy days I will not do it)
(Hisam Memon 14 April 2012)

No comments:
Post a Comment