اوٻاسيءَ کي yawn چئبو آهي. اهو اسم آهي اوٻاسي ڏيڻ کي To
yawn يا Yawning چئبو آهي ۽ اهو فعل آهي
اوٻاسيءَ جا ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر گهڻو ٿڪاوٽ جي ڪري اوٻاسي ايندي
آهي، تنهنڪري، اٺ ڪلاڪ ننڊ ضروري آهي. جيڪڏهن ننڊ مڪمل هوندي ته هروڀرو اوٻاسيون نه
اينديون
اوٻاسيءَ
سان ٻيا به سلهاڙيل لفظ آهن جهڙوڪ
Smoother a yawn
اوٻاسيءَ جي زور کي گهٽائڻ يا نرم ڪرڻ
Strangle
a yawn
اوباسيءَ کي گُهٽائڻ يعني زور سان دٻائڻ
Stifling a yawn
اوٻاسيءَ کي دٻائڻ
Stifle لفظ جي معنيٰ آهي دم گُهٽائڻ يا منجهائڻ
۽ strangulate جي معنيٰ به ساڳي آهي پر جڏهن اوٻاسيءَ سان اهي ٻئي لفظ
گڏائي استعمال ڪجن ٿا، جيئن مٿي ٻه لفظ ڏنا ويا آهن ته ان جو مطلب آهي اوٻاسيءَ کي
گهٽو ڏيڻ يعني منجهائڻ
اوٻاسي انڪري
ايندي آهي جو آڪسيجن گهٽجي ويندي آهي، تنهنڪري، ننڊ پوري ڪبي ته ائين نه ٿيندو ته اوٻاسي
به گهٽ ايندي، جيڪڏهن اوٻاسي اچي ته وات کي هٿ ڏجي ان جي زور کي گهٽائجي ۽ وڏا وڏا
گهرا ساهه کڻجن يا اٿي ڪري گهمجي ۽ ساهه کڻجن
اوٻاسي اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي اوهان هڪ ڦهلجندڙ وبا چئي سگهو ٿا، سڀني اهو
نوٽ ڪيو هوندو ته جڏهن اوٻاسي ڏبي آهي ته ٻيو به ڏيندو آهي ۽ جڏهن ٻيو اوٻاسي ڏيندو
ته اوهان به ڏيندا انڪري اها ڦهلندڙ يعني
contagious آهي
اوٻاسيءَ
کان بچاءَ جا اهم طريقا
پهريان ته ننڊ پوري ڪجي
جي ننڊ پوري
نه هجي ته وڏا وڏا ساهه کڻجن
پاڻ کي مصروف
ڪجي
ورزش ڪجي
جيڪڏهن اوهان
اڳيان ڪو اوٻاسي ڏئي ته ان کان پري ٿيو ۽ پاسو ڪيو
انگريزي ته سکجي
اها اڄ جي ضرورت آهي پر پنهنجي صحت تي به ڌيان ڏجي، صحت سٺي هوندي ته انگريزي به ماڻهو
جلد سکي وٺندو، پنهجو گهڻي کان گهڻو خيال رکو ۽ خوش رهو
حسام ميمڻ
11/12/2012
No comments:
Post a Comment