Wednesday, December 12, 2012

Crops & Diseases words (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻيءَ کان ٽماٽن ۽ ساريءَ جي فصلن وارن لفظن تي ورتل ڄاڻ

گذريل رات مان مٺل جسڪاڻيءَ جي فيس بوڪ واري ٽائيم لائين تي ويس ته مونکي ڪجهه تصويرون نظر آيون پر انهن جي هيٺان ڪجهه لکيل نه هيو ته ڪٿان جون تصويرون آهن، پوءِ مان سائينءَ کان پڇيو ته هو ڪٿي بيٺا آهيو ۽ ڇا ٿي رهيو آهي،
 هن انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هو بدين ويل آهي ۽ هو ٽماٽن جو فصل ڏسڻ ويا آهن ، جنهن فصل کي بيماري لڳي آهي پر اها بيماري اڃا خطرناڪ حد تائين ناهي پهتي.

مٺل صاحب جن جيڪي انگريزيءَ ۾ لفظ استعمال ڪيا شايد عام ماڻهوءَ کي انهن جي معنيٰ جي خبر نه هجي، اهو به ممڪن آهي، جن کي گرامر يعني وياڪرڻ ايندو هجي يا ٿوري گهڻي انگريزي ايندي هجي ، انهن کي به شايد نه اچن، ڇو ته فصلن سان عام شهر جي رهندڙ جو واسطو نٿو پوي انڪري. مان سائين جن کي چيو ته انهن جي انگريزي معنيٰ ٻڌائن ته جيئن اسسين انهن کي دوستن سان پجنهنجي انگريزي سکڻ واري پيج تي رکون ۽ ٻيا ماڻهو فائدو وٺن، اهي لفظ هي آهن:

Wilt

اوچتو ڪومائجڻ يا رڳن جو ساڙ/سڙڻ (ٽماٽن جو)

Blight معنيٰ ساڙ (سڙڻ، جيئن ڪا شيءِ سڙي وڃي)

Leaf curl معنيٰ پنن جو مڙڻ، بيماريءَ جي ڪري پن مڙڻ لڳندا آهن ۽ سڙندا به آهن

مٺل صاحب جن سارين جي فصل ۾ به ويا هيا ، ان فصل جي باري ۾ به هڪ ٻه لفظ سائينءَ جن ٻڌايو


سارين جو فصل Rice Crop

Rice blast 
ان جو مطلب آهي ، ساريءَ جو ڦاٽڻ
ساريءَ ۾ موجود چانور ڪاري ٻوري ۾ تبديل ٿي ڦُنڊي پوي ٿو، جنهن ڪري ان مٿان چڙهيل تهه ٽٽي پوندو آهي، ائين لڳندو آهي، ڄڻ بم ڦاٽو هجي، ان ڪري ان کي ساريءَ جي بم ڦاٽڻ جهڙي شڪل ٿي وڃي ٿي ان کي رائيس بلاسٽ چيو وڃي ٿو

Pathogenic Disease
هن لفظ لاءِ به مان مٺل صاحب جن کان سوال ڪيو، ته پيٿوجينڪ ڪهڙي بيماري آهي ، ان باري ۾ سائين جن ٻڌايو:

جراثيمن جهڙوڪ ڦنگي (فنگاءِ، فنجاءِ)، بيڪٽيريا، نيماٽوڊ، وائرس سبب لڳندڙ وچڙندڙ بيماريون

نوٽ: مٺل صاحب جن زرعي حوال سان گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي ڪو سوال يا ڪنهن فصل جي باري ۾ انگريزي لفظ گهرجي يا ڪنهن جي معنيٰ گهربل هجي ته ضرور هن ئي پيج ڪير به سوال ڪري سگهي ٿو، اميد ته مٿيان لفظ کوڙ سارن لاءِ نوان ۽ معلوماتي هوندا ۽ اسين سچ ۾ مٺل سائينءَ جن جا شڪرگذار آهيون ته انهن اسان کي لفظن جي معنيٰ ٻڌائي ۽ آئينده لاءِ سهڪار لاءِ حامي به ڀري

حسام ميمڻ
30 آڪٽوبر 2012
  • Mithal Jiskani حسام ميمڻ صاحب، اوهان جي مهرباني، لک ٿورا. منهنجو جيڪو حال آهي، آئون حاضر آهيان. ساري جي ڦاٽڻ (رائيس بلاسٽ) جي ٿوري اضافي وضاحت بـ ڪري ڇڏيان، سا هيءَ تـ: هن بيماري ۾ چانور جو داڻو ڪاري ٻوري (بليڪ پائوڊر) ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. هن بيماري کي ساري وارو تهـ ٽٽڻ، ڦاٽڻ ۽ ان ڦاٽل جاءِ تان ڪارو ٻورو ڏسجڻ ڪري، عام ماڻهو بـ سولائي سان سڃاڻي سگهي ٿو... Hisam Memon
  • Let us learn English سائين وڏي مهرباني پر ان لفظ جي جيڪا اوهان هتي وضاحت ڪئي آهي، قرب ٿيندا جيڪڏهن هتان ڪاچي ڪري انگريزي سکڻ واري پيج تي جتي هيءَ پوسٽ آهي، ان جي ٿريڊ ۾ چنبڙايو
  • Let us learn English باقي مٺل صاحب، ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ آهي، پر مونکي پڪ آهي، جيڪ محنت جاري رهي ته هي پيج هڪ ڏينهن درياءُ ٿيو پوندو ۽ گهڻا ئي اڃ اجهائڻ ايندا

No comments:

Post a Comment